چيلاٽو (ڏينڀو)

چيلاٽو (ڏينڀو)

چيلاٽو (ڏينڀو)


چيلاٽو (ڏينڀو): هڪ قسم جو زهريلو اڏامندڙ جيت آهي، جيڪو عام طرح جابلو توڙي رهائشي علائقن ۾ ٿيندو آهي. هي جيت جبل جي ڏارن، سيرن ۽ ڏاڙهه ۾ توڙي پراڻن ڊٺل گهرن ۾ پنهنجا مانارا ٺاهيندو آهي. سياري جي مند ۾ جڏهن پهاڙي جيتن ۾ ڪمي ايـنـدي آهــي، تـڏهـن ميداني علائقن ۾ نقل مڪاني ڪندو آهي. هيءُ جيت ڳاڙهــي رنـگ جـو ٿيـنـدو آهي. جنـهـن تـي پيـلا چٽا ٺهيل هوندا آهن. ڪن ڏينڀن تي ڪارا پٽا به ٿيندا آهن. هن جيت کي عام طرح ’قنڌاري ڏينڀو‘ يا ’ڏونگري ڏينڀو‘ به چوندا آهن. هيءُ ديسي ککر کان ڪجهه وڏيرڙو ڳاڙهي ڪاري رنگ تي اڏامندڙ جيت آهي. هن جي ڏنگ ۾ سخت زهر ٿيندو آهي. جنهن سان ڏنگيل ماڻهوءَ جو عضوو سڄي پوندو آهي ۽ کيس چڪر به ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو